اشفاق آذر

اشفاق آذر

اشفاق آذر

اشفاق آذر: ليکڪ، شاعر ۽ صحافي اشفاق آذر جو اصل نالو اشفاق احمد انڙ آهي. هي شڪارپور ۾ عبدالحڪيم انڙ جي گهر 2 مئي 1972ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس (ماس ڪميونيڪيشن) جي ڊگري حاصل ڪري صحافت شروع ڪئي. سندس مضمون ۽ ڪالم سنڌي ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هي ليکڪ ۽ صحافي هجڻ سان گڏ بهترين شاعر به آهي. هن شاعريءَ ۾، غزل، نظم، وائي، گيت، ٽيڙو، چوسٽا، ترائيل ۽ سانيٽ وغيره جهڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن روزاني ’ڪاوش‘ ۾ سب ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪيو. هن وقت ٽائيم نيوز ٽي وي تي نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرس جو ڊائريڪٽر آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ” عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي“ 2019ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن تي کيس اڪيڊمي آف ليٽرز پاران انعام مليو. اشفاق آذر هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي


لفظ اشفاق آذرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.05.02  عيسوي

ليکڪ، شاعر ۽ صحافي اشفاق آذر جو اصل نالو اشفاق احمد انڙ آهي. هي شڪارپور ۾ عبدالحڪيم انڙ جي گهر 2 مئي 1972ع تي ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سهيل سانگي
ظهير احمد
اعجاز منگي
حيات بلوچ
ابوبڪر خان مگسي
امداد سومرو
رياض حسين ميمڻ
اعجاز عليم عقيلي
غلام حسين خاصخيلي
نور جوکيو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون